اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته هو برطانيه سان لاڳاپن ۽ باهمي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گهرو وزارت ۾ برطانوي پرڏيهي سيڪريٽري ڊيوڊ ليمي سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران انهن پاڪ-برطانيه لاڳاپن، ٻطرفي تعاون ۽ ترقياتي ڀائيواري تي بحث ڪيو.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته غير قانوني اميگريشن، ٻارن جي آن لائن هراساني سميت شعبن ۾ باهمي تعاون جاري آهي.محسن نقوي وڌيڪ چيو ته منظم ڏوهن کي روڪڻ ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جا سٺا نتيجا ملي رهيا آهن.هن چيو ته نيشنل ڪرائم ايجنسي جي تعاون سان، اي اين ايف 4.3 ٽن آفيم ضبط ڪيو، جنهن جي ماليت 22 ملين پائونڊ آهي.










