پاڪستان جي دشمن ۽ پي ٽي آءِ جي سوچ هڪ جهڙي آهي

پاڪستان جي دشمن ۽ پي ٽي آءِ جي سوچ هڪ جهڙي آهي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان جا دشمن ۽ پي ٽي آءِ جي سوچ هڪ جهڙي آهي، پي ٽي آءِ سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه پيون ٿين. پريس ڪانفرنس ڪندي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ چيو ته جيستائين اسٽاڪ مارڪيٽ مٿي ويندي آهي انهي جو مطلب آهي ته ملڪ ۾ ڪاوربار ٿي رهيو آهي، مهانگائي گذريل ڀيري 32 سيڪڙو هئي هاڻ 6 سيڪڙو آهي.هن چيو ته پاڪستان ۾ مختلف ملڪن کان سرمائيڪاري اچي رهي آهي، چين سعودي عرب، قطر ۽ يو اي اي پاڪستان جي مدد ڪئي، پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ڪالهه سڄي دنيا ۾ ٻئين نمبر تي رهي. عطاءُالله تارڙ چيو ته پاڪستان ۾ بيلاروس جو صدر اچي رهيو آهي، اسلام آباد انتظاميه شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ پريشان آهي، محسن نقوي جو بيرسٽر گوهر سان هڪ دفعو ٻيهر رابطو ٿيو آهي، اسلام آباد ۾ احتجاج ۽ ڌرڻو غيرقانوني قرار ڏنو ويو آهي.وفاقي اطلاعات واري وزير چيو ته محسن نقوي کي هنن کي صرف هڪ ڀيرو اهو ٻڌائڻو هو ته قانون کي هٿ ۾ نه کڻو، جيڪو قانون کي هٿ ۾ کڻندو اهو گرفتار ٿيندو، جيڪو اسلام آباد ۾ احتجاج جي حوالي سان ايندو انهي جي خلاف سخت قدم کنيو ويندو.هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ پوليس جو ڪم فوج ڪري رهي آهي، فوجي شهيد ٿي رهيا آهن ۽ اوهان پوليس کي وٺي اسلام آباد طرف اچي رهيا آهيو، پنهنجي صوبي تي ڌيان ڏيو، اتي روز لاش ڪري رهيا آهن، ڪي پي ڪي ۾ امن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. عطاءُالله تارڙ چيو ته بشريٰ بي بي وڌيڪ پڙهيل لکيل عورت نه آهي، بشريٰ کي انٽرنيشنل افيئرز جي اسپيلنگ به نه ايندي هوندي. عوام به هنن جا ناپاڪ ارادا ڏسي چڪو آهي، هاڻ جيڪو احتجاج لاءِ ٻاهر نڪرندو اهو گرفتار ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو