اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم لي چيانگ چيو ته چين پاڪستان جي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو،پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مختلف معاهدن تي صحيحن جي تقريب اسلام آباد ۾ ٿي رهي آهي، جنهن ۾ پاڪستان جو وزيراعظم شهباز شريف ۽ چيني وزيراعظم لي ڪيوانگ به شرڪت ڪري رهيا آهن.ان حوالي سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ سمارٽ ڪلاس رومز بابت دستاويزن جي مٽا سٽا ڪئي وئي.ان کان علاوه سي پيڪ تحت گوادر تي 7هين جوائنٽ ورڪنگ گروپ جي اجلاس جي نقطن جي دستاويزن جي به مٽاسٽا ڪئي وئي.تقريب ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ انساني وسيلن جي ترقي بابت دستاويزن جي صحيح ڪئي وئي،ٻنهي ملڪن وچ ۾ انفارميشن ۽ ڪميونيڪيشن جي شعبن ۾ تعاون جي حوالي سان مفاهمت جي ياداشت تي به صحيحون ڪيون ويون.تقريب ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ فوڊ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ مفاهمتي ياداشت تي صحيحون پڻ ڪيون ويون، ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل ليبارٽريز جي قيام، پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ڪرنسي جي مٽا سٽا بابت مفاهمت جي ياداشت تي به صحيحون ڪيون ويون،ڪرنسي مٽا سٽا لاءِ اسٽيٽ بئنڪ ۽ پيپلز بئنڪ آف چائنا جي وچ ۾ معاهدو ڪيو ويو،تقريب دوران پاڪستان ۽ چين جي وزيراعظمن گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو عملي طور افتتاح ڪيو.تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم لي چيانگ چيو ته گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي مڪمل ٿيڻ هڪ اهم سنگ ميل آهي، منصوبي جي مڪمل ٿيڻ لاءِ پاڪستان ۽ چين جي افرادي قوت جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، گوادر علائقائي ترقي جو محور ۽ مضبوط پڻ آهي. ٻنهي ملڪن جي دوستي جو عڪس آهي.چيني وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان جي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، پاڪستاني عوام جي خوشحالي اسان جي دل جي تمام ويجهو آهي، ٻنهي ملڪن جي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي.










