پابندي مڙهيل تنظيم جا 4 دهشتگرد گرفتار

پابندي مڙهيل تنظيم جا 4 دهشتگرد گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ڪراچي جي علائقي حددو ۾ ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل تنظيم جي 4 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدارن وٽان 2 9 ايم ايم ۽ 2 ٽي ٽي پستول هٿ ڪيا ويا آهن.ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدارن مولانا رحيم الله کي پاڪستان بازار ۾ قتل ڪيو، جڏهن ته محمد شميم کي اقبال مارڪيٽ ۾ قتل ڪيو ويو.سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار امين قتل ۽ قتل جي ڪوششن جي ڪيسن ۾ 9 سال جيل ڪاٽي چڪو آهي.ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار شاهه نواز قتل ۽ قتل جي ڪوششن جي ڪيسن ۾ 18 مهينا جيل ڪاٽي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو