تحريڪ طالبان پاڪستان جا سرگرم ڪارڪن گرفتار

تحريڪ طالبان پاڪستان جا سرگرم ڪارڪن گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو. سڪيورٽي ذريعن موجب گرفتار اهلڪارن ٽي ٽي پي جي ڀتا خوري بابت انڪشاف ڪيا آهن، گرفتار ميمبر ڀتا خوري ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان کي مدد فراهم ڪندا هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي ڪمانڊرن جي افغانستان ۾ موجودگي جي به تصديق ڪئي آهي. گرفتار جوابدار بيان ۾ چيو آهي ته افغانستان ۾ پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي ڪمانڊر عبدالرازق اسان کي واٽس ايپ ذريعي هدايتون ڏيندو هو، پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي ڪمانڊر ماڻهن جي گهرن ۽ دڪانن جون وڊيوز ٺاهي افغانستان مان فون ڪري ڀتا خوري ڪندو هو. جوابدار چيو ته رقم نه ڏيڻ يا دير ڪرڻ جي صورت ۾ ماڻهن کي مارڻ يا اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو