اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته افغانستان سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ جا خواهشمند آهيون، پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان اڄ به افغانستان مان ڪارروائي ڪري رهي آهي.وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته افغانستان کي بار بار چيو ويو آهي ته پابندي مڙهيل تنظيم اتان ڪارروائي ڪندي، پوءِ اها ڳالهه قبول ناهي.شهباز شريف جو چوڻ آهي ته هو افغان حڪومت کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته هو دهشتگردي خلاف ٺوس حڪمت عملي تي ڳالهين لاءِ تيار آهن.وزيراعظم جو چوڻ آهي ته افغانستان مان دهشتگرد پاڪستان ۾ حملا ڪري رهيا آهن، سڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف مڪمل طور تي تيار آهن.هن چيو ته پاراچنار ۾ وفاقي حڪومت هيلي ڪاپٽر ذريعي دوائون پهچايون، مريضن کي هيلي ڪاپٽر ذريعي اسلام آباد منتقل ڪيو ويو.هن وڌيڪ چيو ته شهيد بينظير ڀٽو هڪ بهادر ۽ دلير عورت هئي، کيس 27 ڊسمبر 2007 تي راولپنڊي ۾ شهيد ڪيو ويو.










