ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ گلشن مري پوليس معصوم ٻارڙي سان زيادتي ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. مقتول جي والد جي فرياد تي گلشن مين ٿاڻي ۾ جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.پوليس موجب مقتول جي والد واقعي جو اطلاع 2 ڏينهن اڳ گلشن مين ٿاڻي تي ڏنو هو. پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي، گلشن مري پوليس ٽيڪنيڪل بنيادن تي ڪارروائي ڪندي ٻارڙي سان زيادتي ۾ ملوث جوابدار غلام مرتضيٰ بخش کي گرفتار ڪري وڌيڪ قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.










