اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته ڀارت دهشتگردي جو بهانو استعمال ڪندي پاڪستان تي حملو ڪيو، ۽ هو سنڌ، ڪشمير ۽ دهشتگردي جو مسئلو عالمي سطح تي کڻي رهيو آهي.بلاول ڀٽو جي اڳواڻي ۾ هڪ پاڪستاني وفد بيلجيم جي پرڏيهي وزارت جي عملدارن سان ملاقات ڪئي آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان کي گڏيل قومن ۾ دهشتگردي سان لاڳاپيل ڪميٽين جي ذميواري ڏيڻ هڪ وڏي ڪاميابي آهي، پاڪستان کي دهشتگرد رياست قرار ڏيندڙ ڀارت کي گڏيل قومن کان مناسب جواب مليو. بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ پاڪستاني وفد بيلجيم سينيٽ ۽ هائوس آف ريپريزنٽيٽوز جي ميمبرن سان پڻ ملاقات ڪئي، جن ۾ بيلجيم جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي وائيس چيئرپرسن ڪيٽلن ڊيپورٽر ۽ پاڪستان-بيلجيم پارلياماني دوستي گروپ جي چيئرپرسن فرينڪ بيلجيم شامل آهن. وفد زور ڏنو ته پاڪستان خطي ۾ پائيدار امن جي قيام ۽ مسئلن جي حل لاءِ جامع ڳالهين جي حمايت ڪري ٿو.پاڪستاني وفد يورپي پارليامينٽ جو به دورو ڪيو، جتي ان بين الاقوامي واپاري ڪميٽي جي چيئرمين برنڊ لينج سان ملاقات ڪئي.










