ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته وڪيلن هميشه آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ ملڪ ۾ حق سچ جي آواز اٿارڻ لاءِ جدوجهد ڪئي آهي ۽ اهڙيون قربانيون ڏنيون آهن جن کي وساري نٿو سگهجي. وڪالت جي شعبي توهان کي طاقت ۽ عزت ڏني آهي، اسان کي گهرجي ته پنهنجو انداز پروفيشنل رکون. اهڙن خيالن جو اظهار هن بار ڪائونسل جي تقريب جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته وڪيل پنهنجو ڪردار ۽ اخلاق سٺو رکن ته جيئن سندن عزت ۽ وقار ۾ اضافو ٿئي جيڪو ماڻهن کي اوچائين تائين پهچائي ٿو. اهو نه رڳو توهان کي دنياوي طاقت ڏئي ٿو پر توهان جي شخصيت ۾ سڌارو آڻي صحيح رستي تي وٺي ويندو آهي. توهان کي هميشه سٺو اخلاق رکندي انصاف لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. نگران وزيراعليٰ چيو ته اڄ هن تقرب جو حصو بڻجي مونکي خوشي ٿي. بار ڪائونسل جي ڪوششن، عمر سومرو جي تعاون ۽ اسان جيڪي ڪري پئي سگهيو ڪيوسين ۽ ان جي نتيجي ۾ وڪيلن کي فراهم سهولتون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته عمر سومرو اوهان جي مطالبن جو تفصيلي جائزو ورتو آهي ۽ تقريبن سڀ ڪجهه ٻڌائي چڪو آهيان پر اسپتال جي تعمير بابت ضروري هدايتون جاري ڪندس ۽ رپورٽ ڏسي اڳڀرائي ڪئي ويندي جيڪو قانوني معاملو پڻ آهي. هن چيو ته معاملي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ جيڪڏهن نه ڪري سگهياسين ته ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪري درخواست ڪنداسين ته هن منصوبي بابت خاص اجازت ڏني وڃي. هن چيو ته ڄاڻايل معاملي تي عمر سومرو ۽ آئون اوهان جا نمائندا آهيون. هن چيو ته اسان کي جيڪو ڪجهه مليو آهي اهو هن زمين، هن سسٽم ۽ هن عدالتي نظام مان مليو آهي. هن چيو ته هتي اسان پنهنجي مرضي سان عوام جي خدمت ڪئي ۽ اوهان جي دعائن سبب الله تعاليٰ اسان کي عزت ڏني آهي. هن چيو ته آئون چيف جسٽس جي حيثيت سان 21 سال سپريم ڪورٽ جو جج طور ڪم ڪيو آهي ۽ ان عرصي دوران آئين ۽ قانون جي بالادستي قائم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. هن چيو ته سنڌ بار سان منهنجو سٺو تعلق آهي جنهن جا توهان سڀ گواهه آهيو، آئون توهان جو ۽ هي منهنجو گهر آهي تنهنڪري اسان جيڪو ڪجهه به ڪري سگهياسين اهو ضرور ڪنداسين. هن چيو ته سنڌ بار لاءِ جيڪو به ڪيو اهو پنهنجي ملڪ ۽ صوبي لاءِ گهٽ آهي. هن چيو ته ڪنهن به سماج ۾ وڪيل اهميت رکن ٿا، توهان جو مقام آهي ۽ توهان قانوني ماهر آهيو تنهن ڪري پرخلوص، اخلاق ۽ نوڙت ڪندا رهو ۽ علم حاصل ڪندا رهو ۽ پنهنجي صلاحيتن کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪندا رهو ته الله توهان جي مدد ڪندو ۽ توهان اڳتي وڌندا ويندو. هن چيو ته اوهان سڀ زنده مثال آهيو ڇوته توهان مان ڪي وڪيل بلڪل هيٺان کان پنهنجي پنهنجي شعبي جي شروعات ڪيل هوندي آهي ۽ ڪن ته ڏکئين حالتن جو منهن ڏنو آهي ۽ اڄ اهي هن مقام تي پهچي ويا آهن ته الله تعاليٰ اوهان سڀني کي عزت ڏني آهي ۽ سڀ ڪجهه عطا ڪيو آهي. الله تعالٰي تي ڀروسو رکي، سٺي اخلاق جو مظاهرو ڪندي ۽ پنهنجي قدرن کي قائم رک پنهنجون ڪوششون جاري رکو ۽ ان لاءِ بار ڪائونسل تمام اهم ادارو آهي ۽ ان کي ترقي ڏيارڻ ۾ ڪائونسل جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته مان سمجهان ٿو توهان جي قيادت جيڪا اڄ ويٺي آهي ۽ مستقبل ۾ جيڪي ايندي ٻئي فعال ڪردار ادا ڪنديون. هن چيو ته توهان پاڻ کي ثابت ڪيو آهي ۽ توهان مان ڪيترائي جج بڻجي ويا آهن، جن توهان کي ڪڏهن لڄي ٿيڻ نه ڏنو آهي ۽ انهن جي مدد توهان جي جهڪڻ نه ڏنو. ان اميد سان اوهان سڀ اڳتي وڌندا رهو ۽ پنهنجو معيار پروفيشنل رکو، پاڻ کي سماج جو هڪ سٺو انسان ثابت ڪندا رهو ۽ الله تعاليٰ اسان سڀني کي اها توفيق عطا فرمائي ته اسان هن ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندا رهون. ان موقعي تي قانون واري وزير عمر سومرو ۽ نعيم قريشي پڻ تقريب کي خطاب ڪيو. ان کان اڳ نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي پهچڻ تي سنڌ بار ڪائونسل جي عهديدارن سندس ڀليڪار ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جي نگران وڏي وزير سان گڏ قانون وارو وزير عمر سومرو پڻ موجود هو جتي نگران وڏي وزير سنڌ بار ڪائونسل جي نئين آفيس جو افتتاح ڪيو.










