وڏي وزير مراد علي شاهه جو ملير ايڪسپريس وي جو دورو، ڪرڪيٽ کيڏي

وڏي وزير مراد علي شاهه جو ملير ايڪسپريس وي جو دورو، ڪرڪيٽ کيڏي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ملير ايڪسپريس وي جو دورو ڪري شهر ۾ جاري ترقياتي ڪمن جو معائنو ڪيو.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ملير ايڪسپريس وي تي ڪم جو جائزو ورتو ۽ ان دوران ملير ايڪسپريس وي محمود آباد تي ڪرڪيٽ پڻ کيڏي.ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ڊاڪٽر سيف الرحمان سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي بالنگ ڪرائي، سنڌ جي وڏي وزير سان گڏ ماڻهن به ڪرڪيٽ جو مزو ورتو.ان موقعي تي سيد مراد علي شاهه چيو ته قيوم آباد ڪي پي ٽي انٽرچينج کان ايم نائن ڪوٽ تائين 50 ڪلوميٽر روڊ آهي، مليرا ايڪسپريس وي جي تعمير سان شهر مان ٽريفڪ جو مسئلو ڪافي حد تائين حل ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو