ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) ويسٽرن بائي پاس تي بس کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿي ويون.ريسڪيو اختيارين موجب باهه جو واقعو ڪوئيٽا جي ويسٽرن بائي پاس تي پيش آيو، جتي بس ۾ اوچتو باهه لڳي وئي.ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته بس ۾ باهه لڳڻ جي اطلاع ملڻ تي عملو فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهتو، زخمين کي بس مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو.ريسڪيو اختيارين موجب حادثي ۾ 4 ماڻهو مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿيا آهن.










