مٽياري (رپورٽر) وفاق طرفان سنڌ جي کربين رپين جي ھڪ لک 64 ھزار ايڪڙ زمين اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جوائنٽ وينچر پراجيڪٽس لاءِ حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي نگران حڪومت سان رابطن ۽ صوبائي نگران حڪومت پاران انھن قيمتي زمينن کي وفاق حوالي ڪرڻ جي حامي ڀرڻ سنڌ سان ھڪ ويساھ گهاتي ء غير قانوني ھٿ چراند جي سخت مزاحمت ڪنداسين جيڪڏھن سنڌ ء سنڌين جي خوشحالي جا منصوبا جوڙڻ لاء اھي زمينون ورتيون پيون وڃن ته ڌرتيءَ ڌڻين کي اعتماد م ورتو ويو آھي اسان ڪنھن ب صورت م سنڌ جون سون ورنيون زمينون وفاق کي ڏيڻ ن ڏينداسين سنڌ واسين کي اکيون پٽڻ گھرجن ڌرتي کي انھن جي پيرن ھيٺان کسڪايو پيو وڃي اھڙو اظھار سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاھ ضلعي مٽياري جي جنرل سيڪريٽري سھيل احمد قريشي سان گڏ ھنگامي پريس ڪانفرنس م ڪيو ھنن چيو ت اسان نگران وفاقي ء صوبائي حڪومتن کي چئون ٿا ت سندن ڪم اليڪشن ڪرائڻ آھي ته سنڌ جي زمينن سان ڇيڙ ڇاڙ سان سنڌ جي ماڻھن م بيچيني جي لھر پيدا ڪئي آھي ء اھي پنھنجي ڌرتي پنھنجو اختيار جي نعري سان مزاحمت ڪرڻ جو سوچي رھيا آھن ھنن چيو ت ڪراچي کان حيدرآباد تائين ٻنھي پاسن کان پيل ھزارين ايڪڙ زمينون مختلف ميگا رھائشي منصوبن جي حوالي ڪيون ويون آھن ھاڻي ب وفاق جون سنڌ جي زمينن م اکيون آھن ھنن چيو ت ميگا منصوبن سان سنڌ کي ڪڏھن ب ڪوب خاص فائدو ن ٿيو آھي سنڌ جي وسيلن ء زمينن جي بي رحماڻي ء بنان ڪنھن مضبوط رٿابندي جي استعمال جا مستقبل م تمام خراب نتيجا سامھون ايندا ان ڪري وفاق توڙي سنڌ جي نگران حڪومتن کي گھرجي ت سنڌ جي قدرت وسيلن ۽ زمينن بابت ماھرن جي مدد سان ھڪ جامع پاليسي جوڙي جنھن ۾ سنڌ جي وجود ۽ عوام جي مفادن جو تحفظ ٿيل ھجي، ھنن چيو ت اسانجي سنڌ جي عوام کي اپيل آھي ته اگھور ننڊ مان سجاڳ ٿي پنھنجي ڌرتي ۽ ان جي وسيلن جي مالڪي ڪري.










