اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا 26هين آئيني ترميم جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.وفاقي ڪابينا جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ وزيراعظم جي چيمبر ۾ ٿيو. سمورا وفاقي وزير پارليامينٽ ۾ وزيراعظم جي چيمبر ۾ موجود هئا.وزيراعظم شهباز شريف، اٽارني جنرل منصور عثمان، اسحاق ڊار، اعظم نذير تارڙ ۽ محسن نقوي به پارليامينٽ هائوس ۾ موجود هئا.










