اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي بيوروڪريسي ۾ مقررين ۽ بدلين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. گهرو وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري محمد ايوب چوڌري کي بدلي ڪري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب سهيل حبيب تاجڪ ۽ سلمان چوڌري کي ايڊيشنل سيڪريٽري گهرو ڊويزن مقرر ڪيو ويو آهي.جبران خليل ملڪ ميمبر (فنانس) ناسڪام، عنبرين رضا ايڊيشنل سيڪريٽري سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي مقرر ڪيا ويا آهن.ڊاڪٽر محمد طارق کي پلاننگ واري وزارت جو ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.ڪامران رحمان خان کي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ڊويزن جو ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.عصمت الله شاهه کي چيف ڪمشنر افغان پناهگيرن جو چيف ڪمشنر اسلام آباد مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته محمد فواد عامر کي چيف فنانس آفيسر فنانس ڊويزن مقرر ڪيو ويو آهي.پرائم منسٽر آفيس (پبلڪ) جي سينيئر ايسوسي ايٽ انرجي محمد احمد به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، ٻئي طرف ميمبر پرائم منسٽر انسپيڪشن ڪميشن شاهد نديم جي ڪانٽريڪٽ ۾ هڪ سال جي واڌ ڪئي وئي آهي.










