اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم پاڪستان ميان محمد شهباز شريف ۽ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان صاحب وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو،مولانا فضل الرحمان وزيراعظم کي مدرسن جي رجسٽريشن بل تي خدشن کان آگاهه ڪيو،ترجمان اسلم غوري موجب وزيراعظم کي مدرسا رجسٽريشن بل تي سمورا خدشاختم ڪرڻ جو يقين ڏياريو،مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت متفقه بل کي تڪراري بڻائڻ کان پاسو ڪري،اسان پنهنجي موقف تي قائم آهيون ۽ مدرسن جي آزاديءَ ۽ حريت کي ڪو به نقصان نه پهچڻ ڏينداسين.










