ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيٺي آهي.ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته هاڻي اسان کي ترقي ڏانهن وڌڻو آهي، ملڪ معاشي استحڪام حاصل ڪري چڪو آهي، اسان کي آءِ ايم ايف جو واعدو پورو ڪرڻو آهي.وزيراعظم چيو ته وقت ايندو ته آءِ ايم ايف کي الله حافظ چونداسين، 6 مهينن ۾ ٽيڪس جو هدف سڀني جي سامهون آهي.هن چيو ته ڪراچي جون بتيون ڪڏهن هليون هيون، هاڻي ڪراچي ۾ روشنيون اچي ويون آهن، ڪراچي ملڪي معيشت جي ريڙهه جي هڏي آهي.شهباز شريف چيو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي ته بيوقوفن جي جنت ۾ رهون ٿا، معاشي ترقي لاءِ سڀني سان گڏ ويهڻ لاءِ تيار آهيون.هن چيو ته اڑان پاڪستان پروگرام معاشي ترقي ۽ سماجي خوشحالي آڻيندو، تجربيڪار معاشي ماهر معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ اسان جي رهنمائي ڪن.










