اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ديامير ڀاشا ڊيم منصوبي ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ ۽ منصوبي کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ديامير ڀاشا ڊيم ۽ ٻين پاڻي وسيلن تي اجلاس ٿيو، جنهن دوران وزيراعظم ديامير ڀاشا ڊيم جهڙن منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اهڙن منصوبن کي ترجيح ڏني وڃي ته جيئن توانائي جي پيداوار ۽ وافر مقدار ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جو هڪ موثر نظام پيدا ٿئي ۽ ديامير ڀاشا ڊيم جي تعمير ۾ رڪاوٽن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي ۽ منصوبي کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش وڌائڻ، زراعت لاءِ پاڻي فراهم ڪرڻ ۽ ٻوڏ کي روڪڻ لاءِ نوان ڊيم ضروري آهن.شهباز شريف وڌيڪ چيو ته اسان جي معاشي خود انحصاري سستي بجلي ۽ زراعت تي منحصر آهي، پاڻي جي ذخيري کي وڌائڻ ۽ پاڻي کي موثر طريقي سان استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي.










