ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)وزير اعظم شھباز شريف ڪراچي جي دوري جي موقعي تي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي گھر پھچي ويو. سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي گھر آمد وقت نائب وزير اعظم اسحاق ڊار، وفاقي وزير محمد اورنگزيب، مصدق ملڪ، عطا تارڙ بھ وزير اعظم شھباز شريف سان گڏ ھُئا. سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھھ، گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري بھ وزير اعظم شھباز شريف سان گڏ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي گھر پھتا. اُن موقعي تي پيپلز پارٽي جا سينئر ليڊر خورشيد شاھھ، سينيٽر نويد قمر، نثار احمد کھڙو، سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر سيد اويس قادر شاھھ، وڏي وزير جو خاص مددگار قاسم نويد قمر، ايم اين اي ڪرنل (ر)اسد اسلم نيازي۽ ٻيا پڻ موجود ھُئا. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ سندس فرزند راول شرجيل ميمڻ وزير اعظم شھباز شريف جي آمد تي سندس آجيان ڪئي. ملاقات دوران وزير اعظم شھباز شريف سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي پوٽي جي مبارڪباد بھ ڏني. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ميزباني جو موقعو ڏيڻ تي وزير اعظم شھباز شريف جا ٿورا مڃيا. خوشگوار ماحول ۾ ٿيل ملاقات دوران ملڪي ۽ صوبائي صورتحال سميت ٻين معاملن تي گفتگو پڻ ڪئي وئي.










