لاهور (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف ترڪي، آذربائيجان، ايران ۽ تاجڪستان جي 6 ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو آهي.وزيراعظم شهباز شريف خاص جهاز ۾ لاهور کان روانگي کان پوءِ استنبول پهتو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات وارو وزير عطا تارڙ ۽ خاص مددگار طارق فاطمي به وزيراعظم سان گڏ آهن.وزيراعظم دوست ملڪن جي اڳواڻن سان ٻطرفي لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ بين الاقوامي معاملن تي بحث ڪندو.ان کان علاوه، وزيراعظم ڀارت سان ڇڪتاڻ دوران پاڪستان جي حمايت تي دوست ملڪن جو شڪريو ادا ڪندو، جڏهن ته هو 29 ۽ 30 مئي تي دوشنبي ۾ گليشيئرز تي بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪندو.وزيراعظم شهباز شريف 30 مئي تي تاجڪستان کان وطن واپس ايندو.










