15 جنوري تي رٿيل چونڊون روڪينداسين، متحده جو گڏجڻ بعد اعلان

15 جنوري تي رٿيل چونڊون روڪينداسين، متحده جو گڏجڻ بعد اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪيترن ئي سالن کان ڀڃ ڊاهه جو شڪار ۽ هڪٻئي تي سنگين نوعيت جا الزام هڻندڙ متحده جا ڌڙا ٻيهر متحد ٿي ويا آهن ٽنهي ڌڙن جي گڏجڻ بعد هنن 15 جنوري تي رٿيل مڪاني چونڊون هر حال ۾ روڪڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪراچي ۾ خالد مقبول صديقي سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران مصطفيٰ ڪمال پي ايس پي کي متحده ۾ ضم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، بحالي ڪميٽي جي سربراهه فاروق ستار به ايم ڪيو ايم ۾ ضم ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي،پريس ڪانفرنس دوران عامر خان، انيس قائم خاني ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا متحده پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ڪراچي کي اصل وارثن کان کسڻ جو منصوبو جوڙيو ويو، اِن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجڻ جي ضرورت هئي هن چيو ته اسان جي ڪوششن رنگ لاتو آهي، اسان جو مينڊيٽ ورهائڻ جي سازش ڪندڙن کي اڄ مايوسي ٿيندي، فاروق ستار ۽ مصطفيٰ ڪمال جي آجيان ڪريون ٿا. فاروق ستار هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته وفاقي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي. جنهن تي خالد مقبول چيو ته اوهان پاليسي بيان نه ڏيو، جيڪو حال ايم ڪيو ايم جو ڪراچي ۾ ٿيندو، اهو وفاقي حڪومت جو ٿيندو. متحده پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو ته اسان جي وڏڙن پاڪستان ٺاهيو هو، هاڻي پاڪستان کي بچائڻ جي ذميواري به اسان پاڻ تي رکون ٿا

پهنجو تبصرو موڪليو