ورلڊ بينڪ ۽ پنجاب وچ ۾ ڀائيواري وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق

ورلڊ بينڪ ۽ پنجاب وچ ۾ ڀائيواري وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جو چوڻ آهي ته ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان پنجاب ۾ 2.4 ارب ڊالر جي ماليت جا 12 منصوبا جاري آهن.پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز ورلڊ بينڪ جي عهدو ڇڏيندڙ ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسين سان ملاقات ڪئي.وڏي وزير 2020 کان وٺي پاڪستان ۾ شاندار خدمتن تي ناجي بن حسين کي خراج تحسين پيش ڪيو.ملاقات ۾ ورلڊ بينڪ ۽ پنجاب حڪومت جي وچ ۾ ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.ان موقعي تي مريم نواز چيو ته هوءَ ورلڊ بينڪ سان مضبوط، اثرائتي ۽ ڊگهي عرصي واري ڀائيواري جي قدر ڪري ٿي.پنجاب جي وڏي وزير چيو ته ورلڊ بينڪ تعليم ۽ صحت سميت ٻين ترقياتي شعبن ۾ قيمتي مدد فراهم ڪري رهي آهي.هن چيو ته ورلڊ بينڪ سان ڀائيواري کي وڌيڪ مستحڪم ۽ پائيدار بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.هن وڌيڪ چيو ته ڳوٺن ۾ صاف پاڻي ۽ صفائي جي منصوبي لاءِ اڻٿڪ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو