اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي ڊي چوڪ پهچندڙ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي واعدو ورتو آهي ته هو عمران خان کي پاڻ سان گڏ وٺڻ کان سواءِ ڊي چوڪ نه ڇڏيندا.رپورٽ موجب پي ٽي آءِ خيبرپختونخواهه مان آيل قافلا سموريون حڪومتي رڪاوٽون عبور ڪندي ڊي چوڪ پهچي ويا آهن. جتي عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي ڪارڪنن کي پڻ خطاب ڪيو آهي. بشريٰ بي بي، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي سامهون اچي ويون آهن. سامهون آيل وڊيو ۾ بشريٰ بي بي ڪارڪنن کي خطاب ڪيو، علي امين گنڊاپور ۽ ٻيا اڳواڻ به انهي سان گڏ موجود هئا.بشريٰ بي بي چيو ته عمران خان صرف اوهان ماڻهن جي لاءِ بيٺو آهي ۽ بيٺل رهندو، اوهان کي به واعدو ڪرڻو آهي ته جيستائين عمران خان اوهان ماڻهن جي وچ ۾ نٿو اچي اوهان ڊي چوڪ نه ڇڏيندو.هن چيو ته اهو منهنجو اوهان سان واعدو آهي ته مان آخر تائين ڊي چوڪ نه ڇڏيندس عمران خان کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ کان سواءِ هتان نه ويندس جيڪڏهن توهان کي ڪير چئي ڇڏي ته بي بي ڊي چوڪ ڇڏي وئي ته اهو ڪوڙو هوندو.










