اسلام آباد (بيورو رپورٽ)مولانا فضل الرحمان چيو ته مدرسن جي رجشريشن بابت بل تي وزيراعظم ملاقات لاءِ دعوت ڏني ۽ اسان پنهنجو مو قف ٻيهرورجايو.هن چيو ته اسان واضح ڪيو ته ٻنهي ايوانن مان بل منظور ٿيڻ بعد اهو ايڪٽ بڻجي چڪو آهي، جيڪڏهن صدر کي اعتراض ڪرڻو آهي ته هڪ اعتراض اڳ ۾ ٿي چڪو آهي جنهن جو جواب اسپيڪر ڏنو آهي، صدر جو ٻيو اعتراض آئيني طور تي ٺهي ئي نٿو.هن چيو ته صدر اسپيڪر جي جواب تي ڪو ردعمل ناهي ڏنو، ٻيو اعتراض آئيني مدو گذرڻ بعد موڪليو ويو جيڪو اڃا تائين اسپيڪر جي آفيس تائين ناهي پهتو.مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جي موقف جو انتهائي هاڪاري جواب ڏنو ويو ۽ وزيراعظم قانون واري وزارت کي فوري طور تي هدايتون ڏنيون ته قانون ۽ آئين موجب عملي قدم کنيا وڃن، اميد آهي ته آئين ۽ قانون موجب عملي قدم اسان جي مطالبن مطابق هوندا.هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم چڱي نيت سان ڳالهه ڪئي، اميد آهي ته مسئلو حل ٿي ويندو، شايد هن معاملي تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي ضرورت نه پوي، اسان جي سڀني ڳالهين جو جواب هاڪاري آيو آهي.










