احتجاج ڀلي ڪريو پر ڪميشن جو امٽحان ڏيڻو پوندو، شاهه

احتجاج ڀلي ڪريو پر ڪميشن جو امٽحان ڏيڻو پوندو، شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته هيڊ ماسترن کي احتجاج جو حق آهي،  اِن جو مطلب اِهو نه آهي ته ٻئي هنڌ وڃي مسئلا پيدا ڪريو. اهڙو اظهار هن مزار قائد تي حاضري بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته هيڊ ماسترن جو احترام ڪريون ٿا، پر احتجاج ڪندڙ هيڊ ماستر نه ڪميشن جي امتحان ۾ ويهن ٿا ۽ نه ئي ڊيوٽي تي وڃي رهيا آهن، اسان هيڊ ماسترن جا مسئلا حل ڪرڻ گهرون ٿا، هو امتحان ڏيندا ته انشاءَ الله پاس ٿي ويندا، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي هاءِ ڪورٽس اهو حڪم ناهي ڏنو ته هيڊ ماسترن کي پڪو ڪريو، عدالت چيو آهي ته هيڊ ماسترن جي مقرري ڪميشن جي امتحان سان ٿي سگهي ٿي، آءِ بي اي ڪميشن جو متبادل نٿو ٿي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو