ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ماحولياتي تبديلي بابت وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته هن وقت تائين جي نتيجي مطابق تحريڪ انصاف کي تاريخي شڪست ملي آهي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽيوٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيري رحمان پيپلزپارٽي جي شاندار ڪاميابي تي ووٽرز، پارٽي قيادت، اميدوار ۽ ڪارڪنن کي مبارڪ ڏني شيري رحمان جو چوڻ اهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سمورن ضلعن ۾ پيپلزپارٽِ جو تير هليو آهي پيپلزپارٽي جي مڪاني چوندن ۾ اڪثريتي سوڀ عوام جي اعتماد جو ووٽ آهي هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن تحريڪ انصاف جو نام نهاد بيانيو ٻيهر رد ڪري ڇڏيو پيپلزپارٽي بيانيو نه پر عوامي خدمت ۾ وقت گذاريو آهي وفاقي وزير چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جي قيادت تي عوام کي پورو يقين آهي ڪرونا وبا هجي يا ٻوڏ اسان هر مشڪل ۾ عوام سان گڏ بيٺا رهياسين هن چيو ته پي پي جي سياست جو مقصد عوام جي خدمت آهي.










