ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي کي ڪو دهشتگرد بند نٿو ڪري سگهي، هاڻ ڪراچي کي بند ٿيڻ نه ڏينداسين.ڪراچي ۾ تقريب سان خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته پ پ ڪراچي ۾ ڪم ڪري ڏيکاريو آهي، ڪراچي کي اهڙو شهر بڻائينداسين جو دنيا ۾ چرچا هوندا.هن چيو ته اسان شهرين کي دهشتگردن مان ڇوٽڪارو ڏياريو، بلاول جي قيادت ۾ ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم کي به منهن ڏينداسين، ڏوهن تي ضابطو آڻينداسين.سندس چوڻ هو ته 2018 جي چونڊن ۾ ڪراچي ۾ ڌانڌلي ٿي، عمران خان ڪراچي لاءِ 11 ارب ته ڇا 11 رپيا به خرچ نه ڪيا.مراد علي شاهه چيو ته ڪلاشنڪوف ۽ منشيات جي ڪلچر کان اڳ ڪراچي ماڊل شهر هو، پ پ ورڪر ڪراچي کي تبديل ڪندا، ڪراچي کي ڪو دهشتگرد بند نٿو ڪري سگهي، هاڻ ڪراچي کي بند ٿيڻ نه ڏينداسين.










