ن ليگ قومي اسيمبلي ميمبر عادل بازئي ڊي سيٽ

ن ليگ قومي اسيمبلي ميمبر عادل بازئي ڊي سيٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان مسلم ليگ ن جي قومي اسيمبلي ميمبر عادل بازئي کي ڊي سيٽ ڪري ڇڏيو آهي.اليڪشن ڪميشن عادل خان بازئي جي نااهلي لاءِ ريفرنس تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.اليڪشن ڪميشن اين اي 262 جي هڪ سيٽ کي خالي قرار ڏيندي چيو آهي ته عادل بازئي 26هين ترميم تي ووٽ نه ڏنو، پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي آهي.حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته سمورا ميمبر پارٽي جي رهنما اصولن تي عمل ڪرڻ جا پابند آهن.عادل بازئي آزاد اميدوار طور چونڊجڻ بعد ن ليگ ۾ شامل ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو