نگران وزيرن جي خانواهڻ آمد، فاطمه جي وارثن سان تعزيت

نگران وزيرن جي خانواهڻ آمد، فاطمه جي وارثن سان تعزيت

خانواهڻ ( ن س )راڻيپور ۾ بيدردي سان تشدد ڪري قتل ڪيل خانواهڻ ڀرسان ڳوٺ علي محمد ڦرڙو جي رهواسڻ فاطمہ ڦرڙو جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ لاء نگران وزير صحت ، پبلڪ هيلٿ انجينئرنگ ۽ سماجي بهبود سنڌ ڊاڪٽر سعد خالد نياز ، نگران وزير قانون مذهبي امور ۽ انساني حقوق محمد عمر سومرو ، ڊي جي هيلٿ ڊاڪٽر ارشاد احمد ميمڻ ، ڊي ايڇ او نوشهروفيروز ڊاڪٽر اسد الله عباسي ، ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان کوسو ، ڊي سي نوشهروفيروز شاهزيب شيخ ۽ ٻيا خانواهڻ ڀرسان ڳوٺ علي محمد ڦرڙو ۾ پهتا جتي هنن فاطمہ ڦرڙو جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ان موقعي تي نگران وزير قانون سنڌ محمد عمر سومرو ۽ نگران وزير صحت ڊاڪٽر سعد خالد نياز ڳالهائيندي چيو تہ اسان فاطمہ ڦرڙو جي واثن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ فاطمہ ڦرڙو جي قاتلن کي گرفتار ڪري کين ڪيفرڪرادار تي پهچايو ويندو ان موقعي تي هنن اعلان ڪيو تہ فاطمہ ڦرڙو جي پيء ماء ۽ گهر ڀاتين کي سندن رضامندي سان ڪراچي منتقل ڪري رهائش جو بندوبست ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو ويندو جڏهن تہ فاطمہ ڦرڙو جي ٻن ڀينرن ۽ هڪ ڀاء کي سرڪاري خرچ تي تعليم ڏياري ويندي ان موقعي تي فاطمہ ڦرڙو جي امڙ شبانا ڦرڙو گهر ڪئي تہ قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار ۽ سهولت ڪارن کي گرفتار ڪري ڦاهي تي لٽڪايو وڃي هوڏانهن پيپلزپارٽي جو سينيٽر عاجز ڌامراهہ فاطمہ ڦرڙو جي تڏي تي پهتو ۽ سندس امڙ شبانا ڦرڙو سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو تہ قاتل ڪيڏا بہ بااثر ڇونہ هجن کين سخت سزا ڏياري ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو