نيپرا ڪراچي واسين لاءِ بجلي سستي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

نيپرا ڪراچي واسين لاءِ بجلي سستي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي واسين لاءِ في يونٽ بجلي ست رُپيا 43 پئسا سستي ڪئي وئي آهي.نيپرا ذريعن موجب ڪي اليڪٽرڪ واهيپدارن لاءِ نومبر جي فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي سستي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي،ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي سستي ٿيڻ جو باظابطا نوٽيفڪيشن اڄ جاري ٿيڻ جو امڪان آهي جنهن بعد ڪراچي جي واهيپدارن کي ڊسمبر جي بلن ۾ وڏو رليف ملي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو