ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته رڳو ليڪچرن ۽ تقريرن سان ڪم نه هلندو، نوجوان نسل کي مقالن، تنقيد، تحقيق ۽ تخليق جي بنياد تي تعليم ڏيڻ گهرجي. ياد رکو، قوم جي تعمير مسلسل ثابت قدمي ۽ عملي ڪوشش سان ممڪن آهي جنهن لاءِ هر اسٽيڪ هولڊر کي پنهنجي ذميواري سنجيدگيءَ سان ادا ڪرڻ گهرجي. هن اهڙو اظهار اڄ مقامي هوٽل ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف پرائيويٽ انسٽيٽيوٽ آف اسڪول ايجوڪيشن پاران ڪوٺايل استادن جي عالمي ڏهاڙي جي پروگرام کي خطاب ڪندي ڪيو. پروگرام ۾ تعليم واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن شيرين ناريجو، پرائيويٽ اسڪولن جي رجسٽرار رفيعه ملاح ۽ ٻين شرڪت ڪئي. نگران وڏي وزير چيو ته قومن جي ترقي اسڪولن جي ڪلاس روم مان ٿيندي آهي جنهن لاءِ بهترين استاد ئي سڀ کان وڏو هٿيار هوندو آهي. هن چيو ته ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته دنيا جو نقشو ڪلاس روم ۾ جڙندو ۽ مڪمل ٿيندو آهي جڏهن ته ڪلاس روم جو دارومدار هڪ سٺي استاد تي هوندو آهي. ۽ وڌيڪ چيو ته اڄوڪو ڏينهن دنيا سان گڏ بيهڻ لاءِ سٺا استاد پيدا ڪرڻ جو آهي. تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل سمورن ماڻهن خاص ڪري استادن کي مبارڪباد ڏيندي جسٽس باقر چيو ته سڄي دنيا ۾ 5 آڪٽوبر تي استادن جو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي ڇوته ان موقعي تي استادن کي اڪيڊمي چوائس ايوارڊ سان نوازيو ويو. هن چيو ته استاد عزت ۽ احترام جا مستحق آهن جن پنهنجي زندگي ۽ توانائي جو وڏو عرصو تعليم ۽ سماجي خدمت جي ميدان ۾ وقت ڪيو آهي. وڏي وزير چيو ته هي ڏينهن هڪ پاسي استادن کي اسان جي عزت، احترام ۽ اهميت جو احساس ڏياري ٿو ته ٻئي پاسي جديد دور جي چئلينجن کي پڻ اسان آڏو رکي ٿو. هن چيو ته 21 هين صدي ۾ تدريسي معيار مڪمل طور تبديل ٿي چڪو آهي، ياداشت جي جاءِ متوازن شخصيت سان گڏ مهارت ۽ ذهانت وٺي ڇڏي آهي. نگران وڏي وزير چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي اسان کي نوجوانن جي ذهني صلاحيت سان گڏ جسماني تندرستي، جذباتي ۽ سماجي ترقيءَ سان گڏوگڏ سٺي اخلاق جي لاءِ هڪ مضبوط حڪمت عملي تيار ڪرڻي آهي. هن چيو ته ليڪچررن، خطبن ۽ تقريرن سان ڪم نه هلندو، نوجوان نسل کي مقالن، تنقيد، تحقيق ۽ تخليق جي بنياد تي تعليم ڏيڻي پوندي.










