ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي صحت، سماجي ڀلائي ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ واري نگران وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز چيو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي عوام ۾ ڪو به فرق نه آهي، خودڪشي جو وڌندڙ رجحان انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي ان کي روڪڻ انتهائي ضروري آهي. جيڪي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا يا ارادو ڪن ٿا انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ تمام ضروري آهي. سماج کي اهڙن ماڻهن کي سمجهڻ ۽ انهن جي مدد ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي جي هڪ مقامي هوٽل ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليونگ اينڊ لرننگ پاران سنڌ جي صحت کاتي جي سهڪار سان منعقد ڪيل سنڌ ۾ خودڪشي جي روڪٿام بابت ابتدائي هدايتن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي چيئرمين سنڌ مينٽل هيلٿ اٿارٽي سينيٽر ڊاڪٽر ڪريم خواجا، سيڪريٽري صحت سنڌ ڊاڪٽر منصور عباس رضوي، PILL جي سي اي او پروفيسر عمران بشير چوڌري، پروفيسر نسيم چوڌري، ڊائريڪٽر ريسرچ گلوبل مينٽل هيلٿ يونيورسٽي آف مانچسٽر پروفيسر نصرت حسين، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پل ڊاڪٽر طيبه ڪرن، چيف ايگزيڪٽو افيسرامنگ پاڪستان ڊاڪٽر ڪنزا نعيم ، ايڊيشنل ڊائريڪٽر نيشنل سينٽر فار ريسرچ اينڊ سوسائيڊ پريونشن ڊاڪٽر انيلا مقصود ۽ نامور نفسيات جي ماهرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. صحت جي نگران وزير ڊاڪٽر سعد خالد چيو ته هن وٽ به بيشمار مريض ايندا آهن جيڪي نفسياتي طور تي پريشان هوندا آهن جڏهن انهن کي نفسياتي ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ چيو ويندو آهي ته هو چوندا آهن ته ڇا اسان چريا آهيون. هن چيو ته نفسيات جي معاملي ۾ جيڪڏهن وقت سر نفسيات جي ماهرن سان رابطو ڪيو وڃي ته خودڪشي جهڙو انتهائي قدم کڻڻ کان اڳ هن جي زندگي بچائي سگهجي ٿي. هن چيو ته منشيات جي عادت به خودڪشي جي رجحان جو هڪ وڏو سبب آهي، جيڪو خطرناڪ حد تائين وڌي رهيو آهي ۽ آساني سان اٺن سالن جي ٻار کي تمام سستي اگهه تي هر هنڌ ملي ٿو. هن چيو ته صحت کاتي پاران خودڪشي بابت رجسٽري بابت سمورو ڪم مڪمل ڪري ڇڏيو آهي جنهن کي تمام جلد فعال ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ مينٽل اٿارٽي کي جتي به صحت کاتي جي سهڪار جي ضرورت آهي ان سان هر سطح تي ڀرپور سهڪار ڪيو ويندو. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي پروفيسر عمران بشير چوڌري اداري بابت تفصيل ڏيندي صحت کاتي جي مڪمل سهڪار تي صحت واري نگران صوبائي وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز جا ٿورا مڃيا. پروفيسر نسيم چوڌري چيو ته دنيا ۾ هر سال 7 لک ماڻهو خودڪشي ڪري رهيا آهن، يعني هر چاليهه سيڪنڊن ۾ هڪ شخص ڪنهن نه ڪنهن سبب جي ڪري خودڪشي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان جهڙن ترقي پذير ملڪن ۾ اهو انگ 70 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته نوجوانن ۾ خودڪشي جو رجحان تمام گهڻو آهي. سينيٽر ڊاڪٽر ڪريم خواجا چيو ته سنڌ ۾ خودڪشي جي شرح سڀ کان وڌيڪ ٿر ۾ ملي آهي، سنڌ مينٽل هيلٿ اٿارٽي خودڪشي جي سببن ۽ انهن کي حل ڪرڻ تي ڀرپور ڪم ڪري رهي آهي. بعد ۾ صحت کاتي واري نگران وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي انهن جي پڇيل سوالن جا جواب پڻ ڏنا.










