لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جماعت اسلامي جي اڳواڻ لياقت بلوچ سان فون تي رابطو ڪيو.گهرو وزير سان ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان لياقت بلوچ جو چوڻ هو ته محسن نقوي ۽ سڌ سماءَ وارو وزير عطا تارڙ جماعت اسلامي جي مرڪز منصوره پهچندا ۽ طئي ٿيل معاهدي تي عملدرآمد بابت اڳڀرائي کان آگاهه ڪندا.هن چيو ته جماعت اسلامي حڪومت سان ٿيل معاهدي تي مڪمل عملدرآمد چاهي ٿي، بجلي جي بلن تي ڪيپيسي چارجز جو خاتمو ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي اسان جا مطالبا آهن.لياقت بلوچ چيو ته گهرو وزير انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي جي شاگردن جا مسئلا به حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي.










