نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي مد ۾ 65 ڪروڙ، 57 لک روپيه  جمع

نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي مد ۾ 65 ڪروڙ، 57 لک روپيه جمع

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) عام چونڊن جي لاءِ نامزدگي ڪاغذن جي مد ۾ قومي ناڻي کي ملندڙ روينيو جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن. ذريعن ٻڌايو آهي ته سڄي ملڪ ۾ نامزدگي ڪاغذن جي مد ۾ 65 ڪروڙ 57 لک 20 هزار روپيه قومي ناڻي ۾ جمع ٿيا. اليڪشن ڪميشن کي صوبائي اسيمبلي جي لاءِ نامزدگي ڪاغذن جي مد ۾ 40 ڪروڙ 60 لک 80 هزار جڏهن ته قومي اسيمبلي جي نامزدگي ڪاغذن جي مد ۾ 24 ڪروڙ 96 لک 60 هزار روپيه جمع ٿيا.قومي اسيمبلي جي لاءِ 30 هزار جڏهن ته صوبائي اسيمبلي جي نامزدگي ڪاغذن جي لاءِ 20 هزار روپيه فيس مقرر ٿيل آهي. اميدوارن طرفان نامزدگي ڪاغذن جي مد ۾ ادا ڪيل فيس واپس ڪرڻ جوڳي نه آهي.ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن کي نامزدگي ڪاغذن مان حاصل ٿيندڙ رقم قومي ناڻي ۾ جمع ڪئي ويندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو