مٽياري: (ن س ) مٽياري شهر سان تعلق رکندڙ محترمه بينظير ڀٽو جو ويجهو ساٿي ۽ اڳوڻو حيدرآباد جو ايم اين اي امير علي شاھ ڄاموٽ وفات ڪري ويو آهي.شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جو ويجهو ساٿي اڳوڻو ايم اين اي حيدرآباد امير علي شاھ ڄاموٽ ڪجهه وقت علالت بعد لاڏاڻو ڪري ويو










