ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جي هدايتن تي واٽر ڪارپوريشن عملدرآمد ڪندي کليل مين هولز کي ڍڪڻ لڳائن جي معلومات عوام تائين پھچائڻ جي لاء لائيو ڊيش بورڊ جو آغاز ڪري ڇڏيو جنھن تحت صارفين کليل مين هولز کي ڍڪڻ لڳائن جي جاري مهم جي مڪمل ڪارڪردگي سڌو سنئون ڏسي سگهندا ۽ هيلپ لائين تي درج ٿيل سمورن ٽائونن جي شڪايتن بابت معلومات پڻ حاصل ڪري سگهندا ان حوالي سان ميئر ڪراچي کي آئي ٽي ڪنسلٽنٽ چيئرمين سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ تفصيل کان آگاھي ڏيندي چيو تہ لائيو ڊيش بورڊ جي ذريعي صارفين سموري معلومات گهر ويٺي آساني سان حاصل ڪري سگهن ٿا ميئر ڪراچي واٽر ڪارپوريشن پاران کنيل ھن انقلابي قدم کي ساراهيندي چيو تہ شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيو ويندو ۽ ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ اثرائتا اپاءَ ورتا ويندا تہ جيئن عوام جا مسئلا تڪڙا حل ٿي سگهن ڇاڪاڻ تہ عوام جي خدمت ڪرڻ اسان جي منشور ۾ شامل آهي ان موقعي تي ميئر ڪراچي واٽر ڪارپوريشن جي ويب سائيٽ تي جاري ٽيڪنيڪل ڪم کي مڪمل ڪري ان کي جلد بحال ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو ھن وڌيڪ ھدايتون ڏيندي چيو تہ جديد ٽيڪنالاجي جي تحت واٽر ڪارپوريشن جي بلنگ نظام کي بہ وڌيڪ آسان بڻايو وڃي تہ جيئن شهري آساني سان واٽر ڪارپوريشن جا بل وصول ڪري انهن کي وقت تي ادا ڪري سگهن لائيو ڊيش بورڊ جو لنڪ اھيو https://campaign.kwsc.gos.pk/ آھي.










