اسلام آباد (بيورو رپورٽ)بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل جي سربراهه اختر مينگل قومي اسيمبلي جي ميمبر شپ تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. خضدار جي قومي اسمبلي جي تڪ 256 مان 65 هزار ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو هو. قومي اسيمبلي ۾ محمود خان اچڪزئي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته مان اڄ اسيمبلي مان استعيفيٰ جو اعلان ڪري رهيو آهيان، اهو مون ڪنهن کي نه ٻڌايو آهي ۽ اڄ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌائي رهيو آهيان. اختر مينگل جو چوڻ آهي ته مان پنهنجي عوام لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهيو آهيان، رياست، صدر، وزيراعظم تي بي اعتمادي جو اعلان ڪريان ٿو. هن چيو ته مان وڏي عرصي کانپوءِ پارليامينٽ ۾ اچڻ جو فيصلو ڪيو آهي، بلوچستان بابت جڏهن به ڳالهايان ٿو بليڪ آئوٽ ڪيو ٿو وڃي. هن چيو ته جهڙي سياست هلي پئي ان کان بهتر آهي ته پڪوڙن جو دوڪان کوليان ته بهتر ٿيندو. بلوچستان جي مسئلي تي ڀرپور بحث ٿيڻ گهرجي، بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه مينگل جو چوڻ آهي ته اسان جي حڪمران ۽ اشرافيه طبقي کي بلوچستان تي پارليامينٽ جو اجلاس سڏائڻ گهرجي ها. منهنجو ۽ اچڪزئي جون شڪليون هنن کان برداشت ناهن ، منهنجو مقصد اسپيڪر کي ٻڌائڻ هو ته هو منهنجي ڳالهه کي صبر سان ٻڌي،اختر مينگل چيو ته اسلام آباد ۾ لانگ مارچ ۾ آيل ماڻهن تي لاٺي چارج ڪئي وئي، واٽر ڪيننن جا فائر ڪيا ويا، بلوچستان جي صورتحال ڏسي فيصلي تي پهتو آهيان، سڄي نظام تي بي اعتمادي ٿي رهي آهي.










