ميرپورخاص (ن س) ميرپورخاص ۾ 2ڏينهن اڳ سيف هائوس موڪليل ناري کي عدالت وارثن حوالي ڪري ڇڏيو مڙس خلاف عدالت پهچڻ بعد ٻن ڏينهن لاءِ سيف هائوس موڪليل ناري کي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو ويو 25ورهين جي رجيتا ڪولهي مذهب مٽائي عاشق احمداڻي سان شادي ڪئي، سندس ظلمن خلاف عدالت پهتي هئي عدالت ناري جي بيان بعد کيس وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ناري جي وارثن موجب نياڻي سان ظلم ڪيو ويو آهي، انصاف ڪيو وڃي










