اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي گهر پهتو،چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيو ويون،26هين آئيني ترميم جي تجويز تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي،چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ سيد نويد قمر، مرتضيٰ وهاب ۽ جميل سومرو موجود رهيا،مولانا فضل الرحمان سان گڏ مولانا عبدالغفور حيدري ۽ مولانا عطاءُ الرحمان موجود رهيا.










