رحيم يار خان)ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راڄ جي حمايت ناهي، اهو جمهوريت جي خلاف آهي.رحيم يار خان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت ناهي. ٻنهي صوبن ۾ افراتفري آهي، ملڪ ۾ انارڪي مسئلي جو ڪو به حل ناهي، ڌانڌلي کانسواءِ ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن.هن چيو ته هو خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي حمايت نٿا ڪن، گورنر راڄ جمهوريت جي خلاف آهي پر ناگزير حالتن ۾ لاڳو ڪري سگهجي ٿو.










