ملڪ ۾ برساتن جو امڪان، پنجاب ۾ مون سون شروع

ملڪ ۾ برساتن جو امڪان، پنجاب ۾ مون سون شروع

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اڄ کان ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.موسميات کاتي اڄ کان ملڪ ۾ مون سون جي برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.موسميات کاتي موجب اڄ کان 28 جون تائين ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ مينهن جو امڪان آهي.ان کان علاوه، اڄ کان 2 جولاءِ تائين اسلام آباد، پنجاب، خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ برسات جو امڪان آهي.ٻئي طرف پي ڊي ايم اي ترجمان جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ مون سون جي برسات شروع ٿي وئي آهي، ۽ مون سون جي برساتن جو پهريون سلسلو پهرين جولاءِ تائين جاري رهندو.ترجمان موجب پنجاب جي اڪثر ضلعن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان آهي. راولپنڊي، مري، گليات، اٽڪ، گجرات، جهلم ۽ گجرانوالا ۾ تيز هوائن سان گڏ مينهن جو امڪان آهي.ترجمان وڌيڪ چيو ته ڏکڻ پنجاب، ملتان، ڊيرا غازي خان ۽ بهاولپور ۾ 26 کان 28 جون تائين مينهن پوڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو