اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان بزنس فورم سال 2024 کي بزنس ڪميونٽي ۽ عوام جي لاءِ مشڪل ترين سال قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان ڪاروبار دوست ملڪ نه رهيو آهي. پاڪستان بزنس فورم اهڙن خدشن جو اطهار ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب کي لکيل پنهنجي هڪ خط ۾ ڪيو.پنهنجي خط ۾ واپاري برادري جي فورم لکيو ته سال 2024 ۾ بجلي جي بلن ۽ وياج جي شرح بزنس ڪميونٽي کي گهيري رکيو، پاڪستان ڪاروبار دوست ملڪ نه رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ سڀني کي گڏجي ويهڻ جي ضرورت آهي.بزنس فورم خط ۾ چيو ته آءِ ايم ايف جي هڪ ٻئي پروگرام جي باوجود روپيو مضبوط ٿيڻ ۾ ناڪام رهيو، حڪومت روپئي کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي فيصلي وارا قدم کڻي روپئي جي مضبوطي کان سواءِ مالي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ جون ڪوششون بي اثر رهنديون.پاڪستان بزنس فورم طرفان چيو ويو آهي ته 2024 ۾ زرعي محاذ تي به هارين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو، ڪيترائي ماڻهو پنهنجي پيداواري لاڳت جي وصولي کان محروم رهيا. پنهنجي خط ۾ واپاري فورم وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ ڪڻڪ جي پوکائي جو حدف ساڍا 16 ملين ايڪڙ هو پر صرف 12 ملين ايڪڙن تي ڪڻڪ جي فصل جي پوکائي ڪئي وئي.ياد رهي ته پاڪستان بزنس فورم جي انهي بيان کان اڳ آۡڪٽوبر ۾ ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ سان ملاقات کان پوءِ پاڪستان ٽيڪسٽائيل ملز ايسوسيئيشن(اپٽما) جي چيئرمين ڪامران ارشد چيو هو ته ٽيڪسٽائل سيڪٽر کي مهانگي بجلي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ايڪسپورٽ فسيليٽيشن اسڪيم ۾ تمام گهڻا مسئلا آهن.اپٽما وفد چيو ته پاڪستان ۾ بجلي جي قيمت خطي جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ ٻيڻي آهي. جيڪڏهن بجلي جي قيمت 8 سينٽ ٿي وڃي ته ٽيڪسٽائل ايڪسپورٽ ڪجهه سالن ۾ ٻيڻي ٿي سگهي ٿي. هن چيو هو ته اسٽيٽ بينڪ وياج جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي لاءِ قدم کڻي، ايندڙ 2 مانيٽري پاليسين ۾ وياج جي شرح 600 پوائنٽ گهٽ ڪئي وڃي.










