ملڪ کي ترقي ڪرڻي آهي ته آبادي ۽ وسيلن ۾ توازن پيدا ڪرڻو پوندو

ملڪ کي ترقي ڪرڻي آهي ته آبادي ۽ وسيلن ۾ توازن پيدا ڪرڻو پوندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)آبادي ۽ وسيلن ۾ توازن پيدا ڪري پاڪستان کي ترقي جي راھ ڏانھن گامزن ڪرڻ ۾ ميڊيا جو ڪردار تمام گھڻو اھم آھي. آبادي ۾ تيزي سان ٿيندڙ واڌ کي گھٽتائي آڻڻ ۽ پائيدار سطح تائين آڻڻ لا۽ ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جي فيصلن تحت ٺھيل نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻو پوندو. جيڪڏهن آبادي ۾ اضافي جي موجوده صورتحال برقرار رھيو ته 2050 تائين پاڪستان جي معيشيت ، تعليم ، صحت ۽ انساني وسيلن جي شعبن ۾ تمام گهڻيون مشڪلاتون پيدا ٿينديون. اھا ڳالھ اين ايف پي اي جي تعاون سان پاپوليشن ڪائونسل جي زير اهتمام ميڊيا ڪوليشن جي ميٽنگ ۾ پڻ چئي وئي ھن قومي ويھڪ ۾ سموري پاڪستان مان ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻھن شرڪت ڪئي. پاپوليشن ڪائونسل جي سينيئر ڊائريڪٽر ڊاڪٽر علي مير چيو ته جيڪڏهن پاڪستان کي ترقي ڪرڻي آهي ته اسان کي پنهنجي آبادي ۽ وسيلن ۾ توازن پيدا ڪرڻو پوندو جنهن جي لاءِ سي سي آءِ جي فيصلن تي عمل سختي سان اسان کي عمل ڪرڻو پوندو. ھن وڌيڪ چيو ته. جيڪڏھن اسان ھنن پاليسين تي عمل نه ڪيو ته ٻي صورت ۾ پاڪستان جا موجوده مسئلا وڌيڪ خراب ٿي سگھن ٿا. ھن چيو ته ان سلسلي ۾ ميڊيا کي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ تيزي سان وڌندڙ آبادي ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ مسئلن کي خبرن جي ذريعي ڌيان ۾ رکندي حڪومتن کي خانداني منصوبه بندي جي سهولتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ لاءِ اسان کي قائل ڪرڻو پوندو. جڏھن ته پاپوليشن ڪائونسل جي تازي رپورٽ مطابق پاڪستان 2050 جا انگ اکر پيش ڪندي پاپوليشن ڪائونسل جي مينيجر ريسرچ ڊاڪٽر صائمه بشير چيو ته ان ريسرچ ۾ پاڪستان جي مستقبل جي حوالي سان ٻه مختلف پروجيڪٽ پيش ڪيا ويا آهن. پهرين اندازي مطابق جيڪڏهن پاڪستان جي آبادي اهڙي ريت وڌندي رهي ته 2050 تائين پاڪستان جي آبادي 386 ملين تائين پھچي ويندي ۽ اھا انتھائي سنگين مسئلو ۽ ملڪ ۾ تمام گھڻا مسئلا پيدا ٿيندا . ھن چيو ته 2050 تائين 115 ملين نيون نوڪريون گهربل هونديون، جڏهن ته سي سي آءِ جي فيصلن تي عملدرآمد سان اهو انگ 97 ملين تائين پھچي ويندو. معيشت جي حوالي سان ڏسجي ته سي سي آءِ جي فيصلن تي عمل ڪندي ذرخيزي جي شرح کي 2.2 سيڪڙو جي سطح تي آڻي سگهجي ٿو ۽ جي ڊي پي جي ترقي کي 5.1 سيڪڙو تائين وڌائي سگهجي ٿو، جيڪا صرف 3.4 سيڪڙو آهي. موجوده صورتحال جي تسلسل تائين محدود ٿي ويندي ٻئي طرف موجوده صورتحال جي تسلسل سان في کس ماهوار آمدني 27 هزار رهي، جيڪا سي سي آءِ جي فيصلن تي عمل ڪندي 36 هزار تائين وڌي سگهي ٿي.نيشنل ميڊيا ڪوليشن جي اجلاس کي خطاب ڪندي پاپوليشن ڪائونسل جي ڊپٽي مئنيجر ڪميونيڪيشن اڪرام العهد چيو ته آبادي ۾ تيزي سان اضافو معيشت، صحت، ماحوليات ۽ تعليم تي اثرانداز ٿي رهيو آهي، جنهن لاءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. آبادي ۾ تيزي سان اضافو عورتن جي صحت تي ناڪاري اثر ڇڏي رهيو آهي، جنهن سان نه رڳو سندن زندگيون متاثر ٿي رهيون آھن . ھن چيو ته آبادي ۾ تيزيءَ سان واڌ موسمي تبديليءَ جي خراب اثرن ۾ اضافو ڪري رهي آهي، جنهن ۾ سماج جا غريب ۽ پسمانده طبقا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو