ملازمن جي لاءِ عمري ۽ حج قرعه اندازي،عملدارن ووٽ ڪاسٽ ڪيو

ملازمن جي لاءِ عمري ۽ حج قرعه اندازي،عملدارن ووٽ ڪاسٽ ڪيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي واٽر ڪارپوريشن پاران گريڊ 1 کان گريڊ 15 تائين ملازمن جي لاء حج ۽ عمري جي قرعه اندازي جي تقريب ايم ڊي سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ ٿي گذري، قرعه اندازي تقريب ۾ 15 خوش نصيب ملازمن حج ۽ 10 خوش قسمت ملازمن پاران عمري جي سعادت لاءِ ڪاميابي ماڻي ورتي، تقريب جا مهمان خاص سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد ۽ سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان ھئا، جڏھن تہ تقريب ۾ محمد ثاقب، سيد عمران زيدي، نديم احمد ڪرماڻي، انتخاب احمد راجپوت، سيد عامر رشيد، سيد سردار شاھ، محمد نواز ۽ سي بي اي چيئرمين ارشاد خان سميت ٻين آفيسرن ۽ ملازمن شرڪت ڪئي، بابرڪت تقريب جي شروعات مشهور مذهبي اسڪالر قاري عتيق الرحمان تلاوت قرآن پاڪ سان ڪئي، نعت مقبول صلي الله عليه وسلم جي سعادت نامور نعت خوان امير احمد، مبين قادري ۽ عمير حسيني حاصل ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي سي بي اي چيئرمين ارشاد خان چيو تہ اڄوڪي تقريب چارٽر آف ڊيمانڊ تحت منعقد ڪئي وئي آھي ۽ سي اي او واٽر ڪارپوريشن جي خاص هدايتن تي هن سال حج ۽ عمري جي قرعه اندازي ۾ ڪامياب ٿيندڙن جا سمورا خرچ واٽر ڪارپوريشن ادا ڪندي، هن چيو تہ مقدس هنڌن تي واٽر ڪارپوريشن سميت شهر جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون گهريون وڃن، ان موقعي تي هن سي اي او واٽر ڪارپوريشن کي درخواست ڪندي چيو تہ جيڪي ملازم گذريل سال جي قرعه اندازي ۾ ڪامياب ٿيا هئا ۽ اھي ڪجھ سببن جي ڪري حج جي سعادت حاصل نہ ڪري سگهيا هئا انهن کي هن سال حج جي سعادت حاصل ڪرڻ لاء موڪليو وڃي، جنهن تي سي اي او واٽر ڪارپوريشن رھجي ويل ملازمن کي هن سال حج تي موڪلڻ جو اعلان ڪيو، سي بي اي چيئرمين ۽ ٻين ملازمن سي اي او واٽر ڪارپوريشن جو شڪريو ادا ڪيو، تقريب کي خطاب ڪندي سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان پاران قرعه اندازي ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ سمورن خوش قسمت ملازمن کي مبارڪباد ڏيندي چيو تہ واٽر ڪارپوريشن جا سمورا ملازم اسان جو اثاثو آهن جڏهن تہ انتظاميا ملازمن جي سمورن مسئلن کان چڱي ريت واقف آهي ان سلسلي ۾ انتظاميا ملازمن کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ سميت ريٽائرڊ ملازمن جون بقايائون ادا ڪرڻ لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي، هن حج جي سعادت حاصل ڪرڻ لاء ويندڙ ملازمن کي چيو تہ هوء واٽر ڪارپوريشن سميت ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائون گهرن، تقريب جي خاص مهمان سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد خطاب ڪندي ڊي ايم ڊي ايڇ آر ڊي محمد ثاقب ۽ ليبر ويلفيئر آفيسر محمد نواز کي ڪامياب ۽ پروقار تقريب منعقد ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو تہ الحمدلله واٽر ڪارپوريشن انتظاميا اڄ ملازمن جي بھتري لاءِ ھڪ اھم ڪاميابي ماڻيندي پنھنجو واعدو پورو ڪيو آهي،هن حج ۽ عمري جي قرعه اندازي ۾ ڪامياب ٿيندڙ سمورن ملازمن کي مبارڪباد ڏيندي چيو تہ انشاءَ الله مستقبل ۾ واٽر ڪارپوريشن جي ملازمن جي بهتري لاءِ وڌيڪ بهتر قدم کنيا ويندا، هن چيو تہ ڪارپوريشن جي آفيسرن ۽ ملازمن ۾ هڪ نئون جذبو آهي ۽ اسان هڪ نئين عزم ۽ نئين سڃاڻپ ڏانهن وڌي رهيا آهيون، جنهن جو واضح مثال هائيڊرنٽس سيل جي آمدني ۾ 10 ڪروڙ رپين جو اضافو آهي، هن ملازمن کي يقين ڏياريو تہ واٽر ڪارپوريشن جي ڪنهن بہ صورت ۾ نجڪاري نہ ڪئي ويندي ۽ نه ئي وري ڪنهن ملازم کي برطرف ڪيو ويندو، جڏهن تہ ڊجيٽل حاضري کي يقيني بڻايو ويندو، هن چيو تہ ڪارپوريشن جي سموري اسڪريپ جي جلد نيلامي ڪري ريٽائرڊ ملازمن جون بقايائون ادا ڪيون وينديون، هن چيو تہ جن ادارن تي واٽر ڪارپوريشن جون رھتون بقايا آھن انهن سڀني کان رھتون ھر حال ۾ وصول ڪيون وينديون، ھن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ آئون ڊي جي رينجرز سنڌ، ميئر ڪراچي ۽ اينٽي ٿيفٽ سيل واٽر ڪارپوريشن سميت سمورن ادارن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ڇاڪاڻ تہ انهن جي ڀرپور سھڪار سبب شهر مان پاڻي چوري جو خاتمو يقيني بڻايو ويو آهي، حج قرعه اندازي ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ خوشنصيب ملازمن ۾ علي رضا، ارشاد احمد، اڪبر علي، ايس ايم نورالدين، محمد ڪاظم قريشي، محمد نسيم، محمد فيصل، معين الدين، علي نواز خان، غلام نبي جوکيو، نياز بيگ، ذڪيه خاتون، شڪيل احمد خان، جاويد مرتضيٰ، محمد اقبال جڏهن تہ اسٽينڊ بائي تي ميرو، عتيق الرحمان، محمد ارشد ۽ عبدالحسين ملڪ شامل ھئا، عمري جي قرعه اندازي ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ خوشنصيب ملازمن ۾ محمد سليم، عظيم احمد خان، محمد راشد سليم، عتيق الرحمان، محمد شاهد، محمد اشرف خان، جاويد اقبال فتح محمد، عبدالغني سيد احمد ظفر جڏهن تہ اسٽينڊ بائي تي شعيب خان، فيصل ۽ محمد ناصر شامل ھئا، تقريب جي پڄاڻي ۾ صدر انجنيئرز اينڊ آفيسرز ايسوسيئيشن واٽر ڪارپوريشن نديم احمد ڪرماڻي پار…

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو