ملائيشيا جي ايئر لائن پاران پاڪستان نيٽ ورڪ وڌائڻ جو فيصلو

ملائيشيا جي ايئر لائن پاران پاڪستان نيٽ ورڪ وڌائڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ملائيشيا جي باٽڪ ايئر لائن پاڪستانين کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي، ايئر لائن پاڪستان ۾ پنهنجو نيٽ ورڪ وڌائيندي ڪراچي لاءِ به سڌي ريت اڏامون شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ملائيشيا جي باٽڪ ايئر ڪراچي کان ڪوالالمپور وچ ۾ هفتيوار ٽي اڏامون هلائيندي، جڏهن ته ايئر لائن ايندڙ مهيني 31 آڪٽوبر کان ڪوالالمپور ڪراچي وچ ۾ سڌي ريت اڏامون شروع ڪري رهي آهي. ايئر لائن جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ملائيشيا جي باٽڪ ايئر لائن جي اڏام او ڊي 135 ڪوالالمپور ان هر اڱاري، خميس ۽ ڇنڇر جي رات پوڻي 8 وڳي ڪراچي لينڊ ڪندي. انهن ٽنهي ڏينهن دوران ڪراچي مان اڏام او ڊي 136 رات پوڻي 9 وڳي ڪوالالمپور لاءِ رواني ٿيندي. ان کانسواءِ ايئر لائن شاگردن ۽ وڏن گروپن لاءِ خاص رعايتي پيڪيج جو به اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو