اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته معلومات ۽ ڊيٽا جي بروقت مٽاسٽا تمام ضروري آهي.محسن نقوي جي صدارت هيٺ گهرو وزارت ۾ هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گهرو وزارت جي سڀني ماتحت ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي.گهرو وزارت جي سڀني ماتحت ادارن جي وچ ۾ باهمي تعاون وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ان موقعي تي محسن نقوي چيو ته سڀني ماتحت ادارن جي وچ ۾ باهمي تعاون تمام ضروري آهي، سڀني ادارن کي هڪ ٻئي جي صلاحيتن مان پورو فائدو وٺڻ گهرجي ۽ ماڻهن لاءِ سهولتون پيدا ڪرڻ گهرجن.هن چيو ته ٻاهرين ملڪن ۾ سفارتخانن ۾ مقرر آفيسر وزارت جي ٻين ادارن جي مدد به ڪري سگهن ٿا، سڀني ادارن جي افرادي قوت جو مڪمل استعمال ڪيو وڃي.محسن نقوي چيو ته بهتر باهمي هم آهنگي عوام سان گڏ حڪومت کي به فائدو ڏيندي، آفيسرن کي تربيتي ڪورسن ۾ ميرٽ تي نامزد ڪيو وڃي ته جيئن انهن جي صلاحيتن ۾ اضافو ٿئي.










