معدنيات بل کي عمران خان  جي آزادي سان مشروط نه ڪيو وڃي

معدنيات بل کي عمران خان جي آزادي سان مشروط نه ڪيو وڃي

پشاور (ويب ڊيسڪ)عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جي سربراهه ايمل ولي خان چيو آهي ته مائنز اينڊ منرلز بل کي پي ٽي آءِ جي باني جي آزادي سان مشروط نه ڪيو وڃي.هڪ بيان ۾ هن چيو ته پختونن لاءِ اهڙي وڏي ڳالهه کي ڪنهن جي آزادي سان مشروط نه ڪيو وڃي.ايمل ولي خان جو چوڻ آهي ته هو ڪڏهن به گرينڊ الائنس سان متفق نه ٿي سگهي.هن اهو به چيو ته جيڪڏهن مولانا فضل الرحمان کي شامل نه ڪيو وڃي ته محمود اچڪزئي کي گرينڊ الائنس جو ميمبر نه ٿو سڏيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو