مريم نواز جو روڊن جي تعمير ۽ مرمت مڪمل ڪرڻ لاءِ الٽيميٽم

مريم نواز جو روڊن جي تعمير ۽ مرمت مڪمل ڪرڻ لاءِ الٽيميٽم

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز پنجاب ۾ روڊن ۽ سڀني صحت مرڪزن جي تعمير ۽ بحالي جو پهريون مرحلو 30 جون تائين مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آفيسرن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته روڊ بحالي پروگرام تحت 462 منصوبن جي منظوري کان پوءِ 455 تي ڪم شروع ٿي ويو آهي.بريفنگ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته روڊ بحالي پروگرام فيز II تحت 72 اسڪيمون منظور ڪيون ويون آهن ۽ 67 تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي.اجلاس ۾ مريم نواز مالي سال جي آخر تائين پنجاب ۾ روڊن جي تعمير ۽ مرمت سميت سڀني صحت مرڪزن جي تعمير ۽ بحالي جو پهريون مرحلو مڪمل ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.ان موقعي تي هن چيو ته مواصلاتي رستن جي بحالي، تعمير ۽ مرمت مان لکين شهري فائدو حاصل ڪندا، ۽ فارم کان مارڪيٽ تائين رستن جي تعمير سان معاشي سرگرميون به وڌنديون.وڏي وزير وڌيڪ چيو ته مريم نواز هيلٿ ڪلينڪ جي قيام سان عوام کي بهترين صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. پهريون ڀيرو ڳوٺن جي ماڻهن کي شهرن ۾ اعليٰ خانگي ڪلينڪن جو ماحول ملندو.

پهنجو تبصرو موڪليو