ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اليڪشن ٽربيونل ملير جي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب کي ڪيمسٽري مان به ضمني چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.تحريڪ انصاف جي 4 ۽ جماعت اسلامي جي 2 اميدوارن مرتضيٰ وهاب جي ڪاغذن جي منظوري کي چئلينج ڪيو هو.اليڪشن ٽربيونل ملير ۾ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جي ڪاغذن جي منظوري خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي.درخواستگذارن موقف اختيار ڪيو ته مرتضيٰ وهاب ضلعي ڏکڻ غذري جو رهواسي آهي ۽ لوڪل گورنمينٽ ضابطن موجب اميدوار رڳو ان تڪ تان ئي چونڊ وڙهندو جتي هو رهواسي ۽ ووٽر هجي.ٻڌڻي دوران ٽربيونل مرتضيٰ وهاب خلاف داخل سموريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون.ان کان اڳ يوسي 8 جي رٽرننگ آفيسر ابراهيم حيدري مرتضيٰ وهاب جا ڪاغذ منظور ڪيا هئا.










