مرتضيٰ وهاب ابراهيم حيدري يوسي جو بنا مقابلي چيئرمين منتخب

مرتضيٰ وهاب ابراهيم حيدري يوسي جو بنا مقابلي چيئرمين منتخب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ابراهيم حيدري ٽائون يونين ڪائونسل جو بنا مقابلي چيئرمين چونڊجي ويو.سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ تحت ميئر ٿيڻ جي صورت ۾ اميدوار کي 6 مهينن اندر يونين ڪائونسل جي چونڊ وڙهڻي پوندي.ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين ٿيڻ جي صورت ۾ به اميدوار کي ڇهن مهينن اندر يونين ڪائونسل جي اليڪشن وڙهڻي پوندي.ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب سڌو سنئون ميئر چونڊيندو هو ۽ هاڻي ابراهيم حيدري ٽائون جي يونين ڪائونسل جو بنا مقابلي چيئرمين چونڊجي ويو آهي.اليڪشن ڪميشن مرتضيٰ وهاب جي يونين ڪائونسل جي چيئرمين جي چونڊ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو