گهوٽڪي (ن س)اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته مخالف اليڪشن ۾ اچن، انهن کي ڀليڪار ڪيون ٿا.گهوٽڪي ۾ پيپلز پارٽي جي جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته اڄوڪي گفتگو ۾ دوستن ۽ دشمنن کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته گذريل حڪومت خلاف عمران خان خلاف تحريڪ ان ڪري شروع نه ته اسان اقتدار چاهيون ٿا.هن چيو ته اسان کي عوام جي ترقي ۽ ملڪ جي ترقي جي ضرورت آهي، انهن کان ملڪ ترقي نه پئي ٿي، مان 8 سالن کان ڏسي رهيو هوس ۽ انهن کي ڪجهه به نه ٿي رهيو هو،انهن ڪم ڪرڻ نه ايندو هو نه ئي ڪرائڻ ايندو هو،18هين ترميم کانپوءِ اسان وٽ ڪجهه گنجائش موجود آهي جنهن تحت اسان اختيارن ۽ وسيلن کي استعمال ڪندي ترقياتي ڪم ڪري سگهون ٿا. اڳوڻي صدر چيو ته اسان هميشه عوامي خدمت ڪئي آهي، ذوالفقار علي ڀٽو جي قبر تي لکيل آهي ته هتي عوامي خدمت دفن آهي، عوامي خدمت ئي اسان جي جنت ۽ دوزخ آهي. اسان جا روزا ۽ سجدا ڪم نه ڪندا، جيڪڏهن ڪم ڪرڻو آهي ته عوام جي خدمت ڪرڻ گهرجي،هن چيو ته اسان جي سوچ ايتري آهي جو اسان سڀ ڪجهه ڪري سگهون ٿا،اسان صرف سمنڊ جي صفائي ڪري 5، 6 ارب رپيا ڪمائي سگهون ٿا،سمنڊ ۾ جيڪو ڪچرو پوي ٿو،ان کي ٻين علائقن تائين پهچائي سگهون ٿا، ان مان ڀاڻ به ٺاهڻي آهي، جيڪا تمام مهانگي ٿي وئي آهي،اڳوڻي صدر چيو ته مون جهڙو عملي ماڻهو ئي سوچي ٿو، جيڪڏهن مان پنهنجا صدارتي اختيار پارليامينٽ کي واپس ڏنان ته ان جي به هڪ سوچ آهي.جيڪڏهن مان ائين نه ڪريان ها ته ڪو به اچي سگهي ٿو،آمر بڻجي سگهي ها.هن چيو ته هاڻي ڊڪٽيٽر ٿيڻ لاءِ مارشل لا لڳائڻو پوندو، اڄوڪي صدي ۾ مارشل لا لڳائڻ آسان ناهي.هن چيو ته جيڪي اسان جي خلاف اليڪشن ۾ اچي رهيا آهن،انهن اچڻ ڏيو، بيهو، انهن جو استقبال ڪندس، جمهوريت هوندي،مقابلي جي فضا هوندي، تڏهن ئي بهتر نتيجا نڪرندا، اسان ڪنهن کي به منع نٿا ڪريون،هر ڪنهن کي پنهنجي سياست ڪرڻ لاءِ چئون ٿا، اسان جي پنهنجي سياست ۽ فلسفو آهي.آصف زرداري چيو ته ڪنهن جي سياست ناهي، اسان جي سياست عوام جي سياست آهي، اسان کي زمين جي قيمت معلوم آهي، اسان کي خبر آهي ته پاڙيسري ملڪن سميت سڄي دنيا ۾ مسلمانن سان ڇا ٿي رهيو آهي، جڏهن لبيا ۽ شام ۾ جنگ لڳي اسان ان ۾ حصو نه ورتو، ماڻهن چيو ته توهان تاريخ جي خلاف ٿا وڃو، مون چيو افغانستان اسان جي پاڙي ۾ آهي، اسان چاليهه سالن کان ان جي قيمت ادا ڪئي آهي، اسان کي مهاجرن جي قيمت معلوم آهي.هنن چيو ته اسان وٽ افغاني ڀائرن جو وڏو انگ آهي، جيڪي اسان وٽ آيا آهن، اسان چاهيون ٿا ته اهي واپس هليا وڃن،اڳوڻي صدر چيو ته اسان کي اڳتي جو سوچڻو آهي، اسان کي پنهنجي ٻارن جي ٻارن جو سوچڻو پوندو، انهن کي سمجهڻو پوندو، انهن جي ضرورتن کي سمجهڻو پوندو ۽ وقت کان اڳ انهن جو انتظام ڪرڻو پوندو.هن چيو ته هن ڀيري به جڏهن اسان حڪومت ۾ هئاسين ته وڏي ڪوشش ڪئي پر اسان جي دوستن اسان جي هڪ نه ٻڌي ۽ پاڪستان کي 10، 20 ارب جو نقصان ٿيو جنهن کي اسين برداشت نٿا ڪري سگهون، پاڪستان هن وقت معاشي طور ڪمزور آهي. جنهن کي اسان هن وقت برداشت نٿا ڪري سگهون.هن چيو ته ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه اسان جي طرفان نقصان ۽ نفعو کان بچڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي ته پوءِ هن جي دل ۾ ڪا ڳالهه آهي ته شايد ان ۾ اسان جو ڪو فائدو آهي، اهو اسان جو نه پر ملڪ جو فائدو آهي،اسان جي سرزمين آهي جنهن ۾ اسان کي مرڻو آهي، سنڌ پاڪستان ٺاهيو، اسان کي بچائڻو آهي.
“ہماری سیاست عوام کی سیاست ہے، ہماری سیاست شہید ذوالفقار علی بھٹو اور شہید محترمہ بینظیر بھٹو کی سیاست ہے، ہم نے جب بھی بات کی ہے ملک کے فائدے کے بات کی ہے۔”
سابق صدر آصف علی زرداری@AAliZardari pic.twitter.com/5FKz8ONqTH— PPP (@MediaCellPPP) November 7, 2023










